اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين ??وي??ناهي جا ٿورا ??ڃي??دي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي تعاون کي سگهه ڏيڻ ??ي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف منگوليا جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته منگوليا جو وزيراعظم اويون اردين ??وي??ناهي سان ملاقات خوشي جو سبب آهي. هن ايس سي او جي سي ايڇ جي جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان ٻطرفن ۽ ??لا??قائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاران منگوليا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ??ي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي پوسٽ ۾ ملاقات جي تصوير به شيئر ڪئي.