اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پ?? پي) شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبرشپ سان پاڪستان جي معيشت کي عال??ي معيشت سان مربوط ڪرڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ جا موقعا دستياب ٿيندا، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقي تي هاڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو ميمبر هجڻ ۽ ان جي اجلاسن جي ميزباني ڪرڻ پاڪستان جي معيشت تي ڪيترائي مث??ت اثر وجهي سگهن ٿا.ايس سي او اهم علائقائي تنظيم آهي جنهن جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت ۽ مرڪزي ايشيائي رياستون شامل آهن، جيڪي عال??ي معيشتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايس سي او جي پ??يٽ فارم تي توانائي جي شعبي م سهڪار کي هٿي وٺائي سگهجي ٿي، جيئن ته گئس ۽ تيل جي معاهدا جن سان پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پ??رو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هنن چيو ته ايس سي او ذريعي پاڪستان کي علائقائي رابطي جي منصوبن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ملي ٿو، جيئن ته روڊ، ريلويز ۽ بندرگاهن جي تعمير جهڙا منصوبا واپاري اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهن ٿا ۽ علائقائي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.