اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن بنيادي نوع??ت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حما??ت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي اهم??ت جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي مشاورت جاري رکندا جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وقت سان گڏ وڌيڪ سگهه ملي رهي آهي.
ٻنهي اڳواڻن بنيادي نوع??ت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حما??ت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) فيز 2 جي اعليٰ معيار تي ترقي جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل فائديمند ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ صنعت، زراعت جي جديديت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت سمورن جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ تحت تعاون هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جي رابطن کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. م
لاقات ۾ چيني صنعت جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين علائقائي ۽ عالمي ام??ت جي مسئلن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پڻ ويجهي مشاورت جاري رکندا.