اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد دوري د??را?? تر??ما??ستان جي قيادت سان ون آن ون ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??را?? جاري بيان موجب صدر تر??ما??ستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ تر??ما??ستان جي قومي اڳواڻ ۽ تر??ما??ستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين ڪرنگولي بردي محمدوف سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ تر??ما??ستان جي اڳواڻن ملاقاتن د??را?? ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
صدر تر??ما??ستان جي قومي اڳواڻ ۽ تر??ما??ستان جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ تر??ما??ستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهرا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخ ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري عالمي فورم ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ ۾ شرڪت جي لاءِ تر??ما??ستان جي دوري تي آهي. فورم 11 آڪٽوبر تي مخدوم گلي فراگي جي پيدائش جي 300هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو.