اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ شهرين کي پنهنجو تجربو ۽ دانشمندي نوجوان نسل کي منتقل ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي ??يو آهي ته بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان بزرگ ماڻهن جي لاءِ نگهداشت ۽ سارسنڀال جي نظام کي بهتر ??ڻا??ڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن ??يو ته بزرگ شهري نه رڳو اسان جي معاشري جو بنياد آهن پر اهي علم، حڪمت ۽ تجربي جو خزانو به آهن، اسان جو مذهب اسان کي پنهنجي والدين ۽ بزرگن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ جو درس ڏي ٿو. صدر ??يو ته اسان جا والدين ۽ بزرگ ٻارن جي پرورش ۾ وقت، محبت، توانائي ۽ و??يل?? جي صورت ۾ بي پناهه قربانيون ڏين ٿا، اها اسان جي اخلاقي ۽ مذهبي ذميواري آهي ته اسان انهن سان عزت ۽ وقار سان پيش اچون ۽ پوڙهائپ ۾ انهن جو خيال رکون. صدر ??يو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين رياست تي اها ذميواري لاڳو ڪري ٿو ته اها انهن سمورن شهرين جي لاءِ زندگي جون ضرورتون فراهم ڪري جيڪي ڪمزوري، بيماري يا بيروزگاري جي ڪري مستقل يا عارضي طور تي پنهنجي روزي ڪمائڻ کان قاصر آهن. هن ??يو ته پاڪستان بزرگ شهرين جي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جيئن جيئن ماڻهن جي عمر وڌي ٿي اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ لڳن ٿا ۽ انهن کي خصوصي سارسنڀال جي وڌيڪ ضرورت هوندي آ??ي، ان لاءِ اسان جي بزرگن کي سستي طبي سهولتن تائين پهچ ڏيڻ لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري ??يو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي بهتر صحت جي سهولتن کي ترجيح ڏين، سماجي تحفظ بهتر ??ڻا??ين، بزرگن جي حقن جو تحفظ ڪن ۽ انهن کي هڪ دوستاڻو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪن. هن ??يو ته اڄ جي ڏينهن اچو پاڪستان کي وڌيڪ جامع ۽ بزرگ دوست ملڪ ??ڻا??ڻ جي ڪوشش ڪريون.