اسلام آباد -09 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۾ توانائي بابت سينئر ايڊوائيزر ۽ س?? پيڪ پراجيڪٽ جي اڳوڻي ڊائريڪٽ?? ڊاڪٽر حسن داد بٽ چيو آهي، ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپا برابري جي بنياد تي ٻڌل ??هن. هن گذريل ڏينهن اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چي?? ته دنيا جي حالتن کان قطع نظر ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفا لاڳاپا انتهائي مضبوط ۽ خوشگوار رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي خواهش آهي، ته هڪ ٻئي کي مضبوط ڪيو وڃي. خيبر پختونخوا سيڙپڪاري بورڊ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حسن داد بٽ چي?? ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ ڊگهي ۽ وچولي مدي وارن منصوبن تي اڏاوتي ڪم تيزي سان جاري آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن سي پيڪ تحت هڪ ٻئي جي تجربن مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو آهي. هن چي?? ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سي پيڪ جا ثمر سامهون ايندا، ڇ?? ته سي پيڪ جو مقصد اهو ئي آهي ته ٻئي ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿين ۽ علائقائي سطح تي هڪ ٻئي سان ڳنڍجن. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا اهم سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جا معاشي لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ ٻه طرفا عوامي رابطن کي پڻ هٿي ملي رهي آهي. هن چي?? ته اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي، پيداواري صلاحيت ۽ نظم ۽ ضبط کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته سي پيڪ جو منصوبو 2030ع تائين جاري رهندو، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ توانائي جي منصوبن تي ڪم ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ زراعت ۽ س??اجي ڀلائي کان علاوه مختلف اقتصادي زونز جي تعمير تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چي?? ته سي پيڪ تحت سڄي ملڪ ۾ اقتصادي زونز جي تعمير 2025ع تائين مڪمل ڪئي ويندي. هن چي?? ته سي پيڪ تحت علائقائي رابطن تي ڪم جاري آهي ۽ ان حوالي سان افغانستان تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌاي?? ته 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني سي پيڪ جي مختلف منصوبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جن جي مڪمل ٿيڻ سان سڄي ملڪ ۾ نوڪرين جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا.