اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي)??شم??ري اڳواڻن يوم استحصال ??شم??ر تي پنهنجي ر??عم?? جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ??شم??ر جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ??شم??رين جي ثقافت، سڃاڻپ ۽ بنيادي حقن تي حملو ڪيو ۽ اهو دنيا جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. مسلم ڪانفرنس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ آز??د ??شم??ر جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان ??شم??رين جي لاءِ يوم استحصال ??شم??ر کي ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ??شم??ر جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ??شم??رين جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ بنيادي حقن تي حملو ڪيو. ??شم??ري اڄ 5 آگسٽ تي اهو ڏهاڙو احتجاج ۽ مظاهرن سان ملهائيندا، ته جيئن عالمي برادري جو ڌيان ڀارتي جارحيت ڏانهن ڇڪائي سگهجي. پيپلز پارٽي آز??د ??شم??ر جي صدر چوڌري محمد ياسين 5 آگسٽ کي سڄي دنيا ۾ يوم استحصال طور ملهائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارت جي غيرقناوني قدمن خلاف ??شم??ري عوام متحد ٿي احتجاج ڪندو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس چيو ته 5 آگسٽ ??شم??رين جي استحصال جو ڏينهن آهي ۽ اهو ڏينهن ??شم??ر جي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آبادي جي شرح ۽ بنيادي حقن تي حملو آهي. هن ??شم??ري عوام کي ان ڏينهن تي مڪمل هڙتال جي اپيل ڪئي. ڄمون ۽ ??شم??ر فريڊم موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد غني ڊ??ر چيو ته ڀارت جو 2019ع جو هڪ طرفو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي کلي ڀڇڪڙي آهي، هن عالمي برادري کي ??شم??ر مسئلي کي ??شم??ري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي.??شم??ر سينٽر لاهور جي اڳوڻي ڊ??ئريڪٽر صادق جرال پنهنجي ر??عم?? ۾ ڀارتي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته مودي سرڪار ??شم??رين کي وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.