اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن تهران جو دورو ??يو ۽ ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم تهران جي دوري دوران ايران جي نئين صدر ??ي پ??ڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت پاران عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ترجمان چيو ته محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان جي عزم جي حمايت ۽ يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ت?? ڊاڪٽر پيز شڪيان مبارڪباد واري پيغام کي ساراهيندي چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت ??ان ايران پ??ڪس??ان سان سٺي لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي.