اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پهرئين نشان حيدر حاصل ڪندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس شهادت جو ڏينهن سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي م??ال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستاني فو?? جي قربانين کي ڪ??هن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق ڪيپٽن سرور شهيد جي 76 هين يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948 جي جنگ جي جرئت ۽ بهادري جي م??ال قائم ڪندي، شهادت جو درجو ح??صل ڪيو، ڪيپٽن محمد سرور شهيد ڌرتي جي حفاظت کي پنهنجي جان تي فوقيت ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ مادر وطن سان وفا جو لازوال م??ال قائم ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جو ڏهاڙو سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي م??ال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي فو?? جي قربانين کي ڪ??هن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني پاڪستاني فو?? جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم کي پاڪ فو?? جي شهيدن ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي قوم ملڪي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا فرض ادا ڪندڙ پاڪستاني فو?? جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ بيٺل آهي.