اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال ترقي جي شرح 2.38 سيڪڙو رهي، حڪومتي سڌارن واري پاليسي ٻه طرفي عالمي ۽ گهڻ رخي پارٽنرز طرفان سيڙپ جي آمد ۽ سراسري اقتصادي بحالي سبب هاڪاري اوسر واري شرح ممڪن ٿي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 2024ع د??را?? مهانگائي جي شرح ۾ سراسري طور گهٽتائي رهي. جي ڊي پي جي ڳاڻيٽي ۾ 26.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ هي گذريل مالي سال جي 83875 ??رب رپين ??ي ڀيٽ ۾ وڌي هڪ لک 6 هزار 45 ??رب رپيا تائين پهچي ويو. في ڪس آمدني ۾ 129 ڊالرن جو اضافو ٿيو ۽ جيڪا گذريل مالي سال جي 1551 ڊالرن ??ي ڀيٽ ۾ 1680 ڊالرن تي پهچي وئي. سياسي عدم استحڪام ۽ سخت اقتصادي پاليسين سبب سيڙپڪاري جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي ۽ مالي سال 2023ع جي 14.13 ??ي ڀيٽ ۾ گهٽجي مالي سال 2024ع د??را?? 13.4 سيڪڙو تي آئي. اهڙي ريت جي ڊي پي جي شرح سان بچت جي شرح ۾ به گهٽتائي واقع ٿي ۽ جيڪا مالي سال 2023ع جي 13.2 سيڪڙو ??ي ڀيٽ ۾ گهٽجي مالي سال 2024ع ۾ 13 سيڪ??و ??ي اچي وئي.