شي آن – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چين جي دو??ي جي ٽئين مرحلي ۾ شي آن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب شي آن پهچڻ تي شانسي صوبي جي نائ?? گورنر ڇَن ڇُن جيانگ ۽ اعليٰ چيني سفارتي عملي سميت اعليٰ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو.
وزيراعظم پنهنجي شي ان جي دوري دوران شانسي صوبي جي اعليٰ پارٽي قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ جديد زراعت جي حوالي سان قائم اداري، يانگلنگ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪندو. وزيراعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ??طاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين ۽ سردار اويس خان لغاري شامل آهن.