بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سح??ق ڊار بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناڻي واري وزير لان فوآن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد ??سح??ق ڊار ۽ چين جي ناڻي واري وزير پاڪ چين مال??ات?? ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو مظهر قرار ڏنو. هن خاص ??ور تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ بزنس ٽو بزنس را??طن جي ڏس ۾ مالي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ايجنڊا کي ساراهيو ۽ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ چين جي پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مال??ات?? ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ نائب وزيراعظم جي تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سح??ق ڊار سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي را??ب ڪرڻ جي لاءِ گورننس، روينيو ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو. هن چين مان سيڙپڪاري کي پاڪستان جي ترجيح ??ور تي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ جن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، ک??ڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي جا شعبا شامل آهن.