اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ طبي تعليم بابت ڪم??ٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو وٺندي طبي تعليم کي عالمي معيار موجب بڻ??ئڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي، خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، وزيراعظم صحت بابت ڪوآرڊينيٽر، صحت واري سيڪريٽري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن، ايم اين اي نفيسا شاهه ۽ چيئرمين هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، ناليواري سرڪاري ۽ نجي طبي ادارن جي سربراهن ۽ ناليوارن ماهرن شرڪت ڪئي. طبي تعليم بابت ڪم??ٽي وزيراعظم 20 ميئ 2024ع تي جوڙي هئي. وزيراعظم شهباز شريف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ان جي ڪنوينر طور چونڊيو. ميمبرن ۾ طبي برادري، تعليم جي شعبي ۽ سرڪاري عملدارن جون اهم ڌريون شامل آهن. ڪم??ٽي جو مقصد سڄي ملڪ ۾ طبي تعليم ۾ سڌارا آڻڻ آهي، اهو قدم ايندڙ نسلن جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جي معيار کي بهتر بڻ??ئڻ ۽ مستقبل ۾ صحت جي سارسنڀال ڪندڙ پيشيوار ماڻهن جي طبي تربيت جي اعليٰ ترين معيار کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ملڪ ۾ طبي تعليم جي خال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم??ٽي جي اهم ذميواري تي زور ڏنو. هن طبي شاگردن جي لاءِ صحت جي سارسنڀال جي شعبي ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم سمورن صوبن ۾ طبي تعليم جي عالمي معيار کي يقيني بڻ??ئڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ طبي تعليم جي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي بهتر بڻ??ئڻ ۽ هڪ جهڙي اعليٰ معيار جي تعليم کي يقيني بڻ??ئڻ جي لاءِ طبي ادارن ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن مڪينزم قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ ڪم??ٽي پاڪستان ۾ ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جو جامع جائزو ورتو جڏهن ته طبي تعليم کي عالمي معيار موجب بڻ??ئڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. ڪم??ٽي خصوصي طور تي ٻاهرئين ملڪ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني ميڊيڪل جي شاگردن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هڪ منصوبو جوڙڻ تي ڌيان ڏنو. ڪم??ٽي طبي شاگردن کي انهن جي تعليمي ۽ پيشيواراڻي ڪوششن ۾ مدد ۽ بااختيار بڻ??ئڻ جي حڪمت عملين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪم??ٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پڻ پيش ڪندي. تفصيلي بحث کانپوءِ هڪ ايگزيڪيوٽو ڪم??ٽي جوڙي وئي جنهن ۾ صحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد کي ڪنوينر ۽ طارق باجوه کي ڪو – ڪنوينر بڻايو ويو. ايگزيڪيوٽو ڪم??ٽي موجوده ٽي او آرز سان گڏوگڏ ريگيوليٽري ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي، پاڪستان ۾ غيرملڪي شاگردن جي لاءِ طريقيڪار کي هموار ڪرڻ ۽ نصاب ۾ هڪ جهڙي سميت اضافي ڪمن تي غور ڪندي. ڪم??ٽي جي رپورٽ پاڪستان ۾ ميڊيڪل گريجوئيٽس جي موجوده صحت جي سارسنڀال جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مهارت کي يقيني بڻ??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. رپورٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻ??ئڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ته ميڊيڪل گريجوئيٽ?? اسان جي شهرين کي اعليٰ سطح جي سارسنڀال فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهربل علم ۽ مهارت سان ليس آهن.