اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لا??ِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاء?? مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ انهن جي ٻارن کي تعليمي سهولتون فر??هم ڪرڻ بابت قدمن جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو عالمي ڏينهن ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لا??ِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي. هن سال مزدورن جي عالمي ڏينهن جو موضوع موسمياتي ??بديلين دوران ??م جي جڳهه تي ??لامتي ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ آهي، اسان مزدور جي وقار کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ انهن جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته هي ڏينهن مزدورن جي حقن، انهن جي سماجي تحفظ، منصفاڻي اجرت ۽ ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول بابت ڪوششون ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي کي مهانگائي، زندگي جي ضرورتن جي وڌندڙ قيمتن، بيروزگاري ۽ موسمياتي ??بديلي جي منفي اثرن جهڙا چئلينجز درپيش آهن، پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاء?? مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ مزدورن جي ٻارن کي تعليمي سهولتون فر??هم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته مزدورن جي استحصال جو خاتمو، سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻ، حقن جي تحفظ جي لاءِ پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۽ عملدرآمد ۾ رياست جو ??هم ڪردار آهي. صدر چيو ته اڄ اسان دل جي گهراين سان ملڪ جي ترقي ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪندڙ پورهيتن جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، خطرناڪ ماحول ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي ضروري تربيت ۽ حفاظتي ??امان جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدورن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون، استحصالي طريقن جي خاتمي ۽ مزدورن جي لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ پورهيت ۽ مزدور طبقي جي لا??ِ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪريون جتي ??نهن جي قدر ۽ عزت ڪئي وڃي، آجر منصفاڻي اجرت، مزدورن جي سلامتي ۽ صحت جي لاءِ قدم کڻن.