اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. مولانا فضل الرحمان پڻ و??يراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عيد جي موقعي تي فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي لاءِ پڻ دعا ڪئي.