اسلام آباد ??? 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اوورسيز پا??ستانين کي پ??هن??ي رقم روشن ڊيجيٽل پا??ستان اڪائونٽ جي ذريعي منتقل ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، اوورسيز پا??ستانيز پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نعمان مصطفيٰ جي سربراهي ۾ اوورسيز پا??ستانيز جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪي معيشت ۾ اوورسيز پا??ستانين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، روشن ڊيجيٽل پا??ستان اڪائونٽ رقم جي منتقلي جو محفوظ ذريعو آهي جنهن جي استعمال سان ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اوورسيز پا??ستانيز پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي، اوورسيز پا??ستانيز جي سيڙپڪاري ۽ انهن جي ملڪيتن جي حفاظت حڪومتي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي جي گنجائش نه آهي، اوورسيز پا??ستانين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.