اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگرا?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته هاڻي عام چونڊن جي حوالي سان ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، چونڊ عمل کي صاف، شفاف يقيني بڻائڻ نگران حڪومت ج?? ذميواري آهي، اسان پنهنجي ذميواري پوري ايمانداري سان نڀائي رهيا آهيون، ميڊيا جو ڪردار ??نتهائي اهم آهي، صحافين جو ڪم خبر ڏيڻ آهي ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار ??رف جهڪاءُ پيدا ڪرڻ نه آهي. هو نيشنل پريس ڪلب، يونيسڪو ۽ آئي آر اي ڊي ا?? جي سهڪار ??ان صحافين جي خلاف تشدد، چونڊن جي شفافيت، عوامي قيادت ج?? ڪردار ??ي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگرا?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو ته صحافي جمهوريت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني سان گڏ آهن، چونڊ عمل جي ڊوڙ ۾ ڪا به جانبداري نه آهي، اهڙي طرح نگران حڪومت ج?? ذميواري آهي ته اها ان ڊوڙ ۾ ڪنهن پارٽي يا اميدوار ??ي طرفداري يا مخالفت نه ڪري. هن ??يو ته صحافين جي لاءِ به ضروري آهي ته اهي چونڊ عمل جي ايمانداري سان رپورٽنگ ڪن، اهو نظر نه اچي ته انهن جو جهڪاءُ هڪ پارٽي يا اميدوار ??رف آهي. هن ??يو ته صحافين جو ڪم خبر ڏيڻ آهي، اهو افسوسناڪ آهي ته توهان خبر بڻجي وڃون، جان محمد مهر جي واقعي تي پڻ منهنجي سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اهڙا واقعا رياست يا حڪومت ج?? لاءِ فخر جي ڳالهه ناهي هوندي. هن ??يو ته صحافي جو جيڪڏهن قتل ٿئي ٿو ته ان جي ذميوارن کي جهلڻ رياست ج?? ذميواري آهي، افسوس سان چوان ٿو ته جان محمد مهر اسان شرمنده آهيون، تنهنجا قاتل زندهه آهن، پوري ڪوشش ڪندس ته جان محمد مهر جا قاتل جهليا وڃن. هن ??يو ته اسان پاڻ به ڪوشش ڪري سگهون ٿا ته اسان خبر نه بڻجون، معلومات هڪ طاقت آهي اها هڪ طرف کي فائدو ته ٻئي طرف کي نقصان ڏئي رهي هوندي آهي، جن جو نقصان ٿئي ٿو انهن جو نزلو صحافين تي ڪري ٿو. هن اهڙي طرح جي واقعن تي ارلي الرٽ سسٽم ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي ??يو ته اهو سسٽم وقت ج?? اهم ترين ضرورت آهي. هن ??يو ته هاڻي ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، اسان پهرين ڏينهن ئي ??يو هو ته چونڊون اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، آئين ۽ قانون تحت ذميواري اليڪشن ڪميشن پوري ڪري رهي آهي، تڪبندين جو مرحلو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اسان سڀن?? جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن بابت حقيقتون ماڻهن تائين پهچايون ۽ ماڻهن جي مسئلن کي به اجاگر ڪريون. هن ??يو ته افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ سان چينلز ٺاهين ٿا، مارڪيٽ مان ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ٻيڻي پگهار ۽ مراعتن تي کڻي وٺن ٿا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ رد?? جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا، اهڙو سلوڪ مناسب نه آهي، آئين ۽ قانون ان جي اجازت نه ٿو ڏي، پيمرا ترميمي ايڪٽ ۾ ان جو باقاعده مڪينزم موجود آهي. صحافتي تنظيمون، متاثر صحافي، اينڪر پاڻ لکت طور تي آگاهه ڪن ته جيئن قانون موجب ڪارروائي اڳتي وڌائي وڃي. پي ايف يو ج?? جي صدر افضل بٽ ??يو ته اليڪشن ڪميشن ۽ اطلاعات واري وزارت گڏجي اليڪشن ڪوريج جي حوالي سان اسلام آباد ۽ چئني صوبن ۾ تربيتي سيشن منعقد ڪري، غلط رپورٽنگ پوري عمل کي تڪراري بڻائي ڇڏي ٿي. رپورٽنگ ذميواري سان ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته ميڊيا اليڪشن جي تاريخ کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري. هن ??يو ته 5 ٽي وي چينلز کي نئين مالڪن خريد ڪري ورتو آهي، هاڻي اهي صحافين، اينڪرز ۽ معاون اسٽاف جي ڇانٽي ڪرڻ لڳي ويا آهن. نيشنل پريس ڪلب جو صدر انور رضا ۽ ٻيا پڻ سيمينار ۾ موجود هئا.