تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي علائقائي اڳواڻن سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرايو. ان کان اڳ نگران ??زيراعظم ج??ئن ئي تاشنقد ڪنوينشن سينٽر پهتو ته ازبڪستان جي صدر ش??ڪت مرزايوف سندس استقبال ڪيو. ڪانفرنس هال طرف وڌڻ کان اڳ اجلاس ۾ سمورن شريڪ اڳواڻن گروپ فوٽو ڪڍرايو. واضح رهي ته نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ واپار واري نگران ??فاقي وزير گوهر اعجاز سميت وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي تاشقند پهتو آهي جتي هو اي سي او جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. اجلاس جي موقعي تي هو تنظيم جي ويزن 2025ع ۽ واپار، ٽرانسپورٽ، گ??يل رابطي، توانائي، سياحت، اقتصادي ترقي ۽ پيداواري شعبن ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو.