اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي علامه محمد اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو فلسفو ۽ فڪر پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي، خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي ڀاڙڻ ب??را?? اقبال نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اقبال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان کي اقبال جي فڪر تي عمل پيرا ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي، اقبال مسلمانن جي حقيقي سڃاڻپ جي لاءِ انهن کي غ??لت جي خواب مان بيدار ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي، اڄ اسان کي جيڪي گهڻ رخا چئلينجز درپيش آهن انهن جو حل اقبال جي آفاقي تعليم ۾ لڪل آهي. هن چيو ته اقبال نوجوانن کي خودي جو پيغام ڏنو ۽ انهن کي شاهين جي زندگي اختيار ڪري مسلسل جدوجهد جو درس ڏنو، نوجوان اقبال جو فڪر اختيار ڪري پاڪستان ۽ مسلمان امت جي حقيقي خدمت ڪري سگهن ٿا.