نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي جده ۾ او آءِ سي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

image

اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سڀاڻي اربع ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي 18 آڪٽوبر تي جده سعودي عرب ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي وزارتي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. اهو اجلاس اسلامي تعاون تنظيم غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ طلب ڪيو آهي. جليل عباس جيلاني وزارتي اجلاس ۾ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پاڪستان جا شديد خدشا پيش ڪندو. نگران پرڏيهي وزير اجلاس ۾ جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي عوام کي امداد جي فراهمي جي فوري ضرورت تي زور ڏيندو. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان پڻ ملاقات ڪندو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں