نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جل??ل عباس جيلاني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس اينڊ ڊيميج فن??نگ جي انتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جا??ي بيان موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير ملاقات دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جا??ي رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين ط??ر تي پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فن?? قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”لاس اينڊ ڊيميج فن??“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي.