گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي ن??ان??هي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پ??رائي موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ نگران وز??راعظم کي آءِ ٽي، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن خاص طور تي ديامر ۽ استور جي ضلعن ۾ تعليم جي شعبي جي ڪيترن ئي مسئلن جي وقتائتي ن??ان??هي ۽ موثر حل ڪيا ويا آهن، تعليمي شعبي ۾ کنيل قدمن ۾ شاگردن کي غذائي فراهمي جي پروگرام، تعليمي عمارتن جي نئين سر تعمير ۽ خراب حال عمارتن جي بحالي، استادن جي پيشيواراڻي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سمارٽ اسڪولن جي تعمير وغيره سرفهرست آهن. ان کانسواءِ نگران وز??راعظم کي بريفنگ ۾ گلگت بلتستان ۾ صحت جي شعبي ۾ کنيل مثبت قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ نفسياتي مرضن جي وڌندڙ رجحان جي خاتمي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال رهندڙ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ نگران وز??راعظم کي ماحولياتي ۽ سياحتي شعبن ۾ کنيل مثبت قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ نگران وز??راعظم کي گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي، گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي پيداوار جي حقيقي صلاحيت ۽ موجوده پيداوار ۽ بجيٽ جي صورتحال تي پ?? بريف ڪيو ويو. نگران وز??راعظم گلگت بلتستان انتظاميا ۽ سياسي قيادت کي سمورن موجوده ترقياتي منصوبن جي افاديت جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ نگران وز??راعظم کي گلگت بلتستان ۾ قانون ۽ انصاف ۽ امن امان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن ماڻهن جي وقتائتي ن??ان??هي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ نگران گهرو وز??ر سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستان جو وڏو وز??ر گلبر خان، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان، آءِ جي گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شامل هئا.