اسلام آب??د – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سان ڪامسٽيڪ نوبيل فيسٽيول جي انتظامي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۾ قازقس??ان جي سفير يرزهان ڪسٽافن به موجود هو. انتظامي ڪميٽي صدر کي قازقس??ان ۾ نوبل فيسٽيول جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نوبل فيسٽيول جو مقصد هر هڪ جي تعليم ۽ سائنس تائين پهچ آسان بڻائڻ آهي. نوبل فيسٽيول ۾ نوبل انعام يافته ماڻهن، سائنسدانن ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن. صدر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قازقس??ان جي سفير چيو ??ه پاڪس??ان سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي خصوصي اهميت ڏيون ٿا. پاڪس??ان ۽ قازقس??ان جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطن جو قيام خوش آئنده آهي. صدر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪامسٽيڪ جي ڪوششن کي ساراهيو.