اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 2022ع ۾ اسود سمنڊ جي اناج رهداري جي تاريخي معاهدي کي حاصل ڪرڻ ۾ ترڪيه جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي جنه?? سان عالمي سطح تي روزمره استعمال جي شين جي قيمتن کي مستحڪم ??رڻ خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ترين طبقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو چيو ته مان اڄ ترڪيه جي پرڏيهي وزير ۽ منهنجي ڀاءُ هاڪان فيدا?? سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن 2022ع ۾ اسود سمنڊ جي اناج راهداري جي تاريخي معاهدي کي حاصل ڪرڻ ۾ ترڪيه جي ڪردار جي تعريف ڪئي جنهن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ترين ماڻهن لاءِ عالمي روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن کي مستحڪم ??رڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پرڏيهي وزير يورپ ج?? ڪيترن ئي شهرن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪارروائين جي به شديد مذمت ڪئي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ترڪيه ۽ ٻين اسلامي رياست?? سان گڏجي ڪم ??رڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.