اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ الفلاح لميٽيڊ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل اپيل کي رد ڪندي هدايت ڪئي آهي ته بئنڪ بنا اجازت آن لائين ادائيگي جو نظام فعال ڪرڻ ۽ صارف جي وقت سر شڪايت کي نظرانداز ڪرڻ تي معافي وٺي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در چيو ته صارفين کي انٽرنيٽ بئنڪنگ جي فائدن ۽ نقصانن بابت آگاهه ڪرڻ بئنڪ جي ذميواري آهي، بئنڪ الفلاح 66850 رپين جي وڃايل رقم ??نافعي سان گڏ صارف کي واپس ڪري. تفصيل موجب مح??د يار (شڪايت ڪندڙ) بئنڪنگ محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي ته ان جي ڪريڊٽ ڪارڊ تي 66850 رپين جو گهپلو ٿيو، صارف بئنڪ کي آگاهه ڪيو ته هن آن لائين خريداري ناهي ڪئي تنهن ڪري آن لائين ادائيگي کي روڪيو وڃي، بئنڪ شروعاتي طور تي رقم ??اپس ڪئي پر ڇهن مهينن کانپوءِ بئنڪ رقم ڪريڊٽ ڪارڊ مان ڪاٽي ورتي جنهن تي صارف بئنڪنگ محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن رقم ??اپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏ??ن ته بئنڪ محتسب جي فيصلي جي خلاف ??در کي اپيل داخل ڪئي. ??در ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ الفلاح جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ??در پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته شڪايت ڪندڙ انٽرنيٽ/ ڊيجيٽل بئنڪنگ کان واقف نه آهي، صارف کي بئنڪ پاران ڪال موصول ٿيڻ تي ڏيتي ليتي جي ڄاڻ ٿي، غيرمجاز/ جعلي ڏيتي ليتي جي فوري اطلاع ڪري صارف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بئنڪ جو فرض آهي. ??در چيو ته صارف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بدران بئنڪ باقاعده شڪايت جو انتظار ڪيو، بئنڪ ايس ايم ايس يا ميل جي صورت ۾ گهربل معلومات جمع ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام رهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته اهم ثبوت جي معلومات/ دستاويز جمع نه ڪرائڻ عڪاسي ڪري ٿو ته يا ته بئنڪ وٽ رڪارڊ نه آهي يا پوءِ پاس ورڊ ناهي موڪليو ويو، بئنڪ الفلاح اسٽيٽ بئنڪ جي مختلف ضابطن/ هدايتن جي عدم تعميل ڪندي ڏٺي وئي. ??در چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي هدايتن موجب صارف جي رضامندي حاصل ڪرڻ بئنڪ جي ذميواري آهي، سادي زبان ۾ اليڪٽرانڪ فنڊز منتقلي جي سهولت بابت صارف کي مطلع ڪرڻ به بئنڪ جو فرض آهي. هن چيو ته بئنڪ ثابت نه ڪري سگهي ته انٽرنيٽ بئنڪنگ جي سهولت صارف جي رضامندي سان فعال ڪئي وئي. ??در چيو ته بئنڪ الفلاح جي اپيل ميرٽ کان عاري آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي. هن هدايت ڪئي ته بئنڪ صارف کان معافي وٺي ۽ منافعي سان گڏ وڃايل رقم ??اپس ڪري.