اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت دفاعي پيداوار ڊوي??ن جي ٻن جاري منصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب دفاعي پيداوار ڊوي??ن جي گوادر ۾ شپ يارڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي جار?? اسڪيم لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح ڪراچي شپ يارڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي انفراسٽرڪچر جي اپ گ??يڊيشن ج?? اسڪيم لاءِ 1900 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ??نه?? اسڪيمن جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 8471.443 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جن مان 30 ج??ن 2023ع تائين ٿيندڙ خرچن جو ڪاٿو 5809.86 ملين رپيا آهي.