اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي ترقي جي لاءِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي وزيراعظم انوارالحق جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انوارالحق کي آئيني ۽ جمهوري عمل جي ذريعي آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي ترقي جي لاءِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جي ترقياتي فنڊز جي حوالي سان مسئلا جلد کان جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان حڪومت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن سان ڪشميرين جو آواز دٻائي نه ٿو سگهي، 5 آگسٽ 2019ع ڀارت جو غيرقانوني قدم انساني حقن تي ڪاري ضرب آهي، گڏيل قومن سميت عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان سدائين گڏ بيٺل رهندي. وزيراعظم چيو ته اسان هر عالمي فورم تي ڪشميرين تي ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو. وفد ۾ آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير حڪومت ??ا وزير ڪرنل (ر) وقار نور، فيصل ممتاز راٺور، قانونساز اسيمبلي ميمبر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جو صدر شاهه غلام قادر، آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير جو اڳوڻو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي (آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير) جو صدر چوڌري ياسين موجود ه??ا. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود ه??ا.