اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي کي ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو هو، ان کي آڻيندڙن جو مقصد سڀني کي چور ڌاڙيل قرار ڏيارڻ هو، عمران نيازي کي 10 سالن تائين مڙهي رکڻ جو منصوبو هو، پي ٽي آءِ قيادت ملڪ کي تب??هي جي ور چاڙهيو، عمران نيازي جي خلاف ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو، جيڪ??هن عمران خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته ع??الت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري، ٻٽي معيار سان انصاف جو جنازو نڪري ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان نيازي ڪوڙي پروپئگنڊه سان قوم کي ورڇ ڪيو ۽ هر جڳهه زهر پکيڙيو، عمران نيازي آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، اسان پاڪستان جي سفارتي محاذ تي دنيا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا، حڪومت ورثي ۾ ملندڙ مسئلن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ انتها??ي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، آئيني طريقي سان چونڊيل اسان جي حڪومت کي آمريڪي سازش قرار ڏنو ويو، عمران خان ۽ ان جا حواري بي شرمي سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اربين رپين جي ڪرپشن تي ڪنهن جواب نه گهريو بلڪه مالم جبه، بلين ٽري سونامي ۽ بي آر ٽي جهڙن ڪرپشن جي ڪيسز ۾ انهن کي ڪلين چٽ ڏني وئي ۽ انهن ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو ج??هن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما جي ڊرامي ۽ اقامي جي بي ڍنگي ??يس ۾ سزا ٻڌائي وئي، هن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ عدالتن کي منهن ڏنو، آصف علي زرداري جي ڀيڻ کي چنڊ رات تي اسپتال مان کڻي گرفتار ڪيو ويو، اڄ نيب جي غبن ۽ ڪرپشن جي ??يس ۾ عدليه عمران خان جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي ج??هن ته اسان جا ??يس لٽڪايا ويندا هئا، سال سال تائين ضمانت جي درخواست نه ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه ع??الت جي ريمارڪس تي حيرت ٿي، ڪاش فريال ٽالپر، مريم نواز ۽ اسان کي به ع??التن ۾ ڏسي چيو وڃي ها ته توهان کي ڏسي تمام سٺو لڳو، عام ماڻهن جا ??يس عدالتن ۾ سالن جا سال لٽڪيل رهن ٿا، اسان صبر سان سمورن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جو مقصد آءِ ايم ايف ڊيل کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي معاشي طور تي تب??هه ڪرڻ هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ سيڙپڪارن کي ڀڄائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، جيڪ??هن عمران خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته ع??الت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري.