اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صاف ۽ ماحول ??وست ٽرانسپو??ٽ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روايتي ٻارڻ تي پاڪستان جو دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ ماحول ??وست ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقامي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪم??ني جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته گرين ٽرانسپورٽ آلودگي گهٽ ڪ??ڻ ۽ پاڪستان کي صاف بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي، گرين ٽرانسپورٽ سان ڪاربن جو اخراج، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيز ضرور?? آهن، ڪاروباري برادري صنعتي اپ گريڊيشن ۽ جدت تي ڌيان ڏي، جديد ٽرانسپورٽ ٽيڪنالاجيز پاڪستان ۾ نئين صنعتن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگه?? آهي. صدر چيو ته جديد ٽرانسپورٽ سان نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.