ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ازبڪستان ۾ چين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي ٽوئيٽ موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چين جي پرڏيهي وزير ڪين گانگ سان ثمرقند ?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي و?? ۾ ??عاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ افغانستا?? ۾ ??من ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اها ملاقات ازبڪستان جي شهر ثمرقند ?? افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي.