اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز سينيٽ جي 50 سالا گولڊن جوبلي تق??يبن جي موقعي تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان نه رڳو مسلمان دنيا پر عالمي برادري ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿو، جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي بقا ۾ سمورن مسئلن جو حل لڪل آهي، پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا، دنيا کي درپيش ماحولياتي چئلينجن سميت ٻين بحرانن کي گڏجي حل ڳولڻون پوندو. سينيٽ جي گولڊن جوبلي تق??يبن جي ٻي ڏينهن ڪميٽي آف هول کي خطاب ڪندي اردن جي سفير ابراهيم المدني پاڪستان جي سينيٽ جي گولڊن جوبلي تق??يبون منعقد ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪون ڏيندي ??يو ته اسلام ۾ مشاورت جو واضح تصورآهي، پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا موجود آهن، فلسطين جي سفير احمد ربيع فلسطين جي صدر محمود عباس طرفان مبارڪون ڏيندي ??يو ته مسجد اقصيٰ جي حوالي سان علامه اقبال ۽ قائداعظم جو موقف هو ته ان جو احترام پاڪستان جي عوام جي دلين ۾ آهي، هي مرڪز اسلامي جي حيثيت رکي ٿو، اميد آهي ته تمام جد مسجد اقصيٰ ۾ آزادي سان عبادت ڪري سگهنداسين، پاڪستاني قوم، فوج، حڪومت پاڪستان سدائين فلسطين سان گڏ بيٺل رهي آهي، هن ??يو ته هڪ هفتي کانپوءِ 23 مارچ يوم پاڪستان آهي ۽ گڏ ئي رمضان شروع ٿي رهيو آهي ان تي فلسطين طرفان مبارڪون پيش ڪريون ٿا. ڏکڻ آفريقا جي هاءِ ڪمشنر ايم مدي ڪيزا ??يو ته هن ايوان ۾ 50 سالا گولڊن جوبلي تق??يبن کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز آهي، هن ??يو ته 24 سال اڳ نيلسن منڊيلا پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو هو، پاڪستان جي 1973ع جي آئين ۾ انساني حقن جي تحفظ جو باب ڏکڻ آفريقا جي لاءِ اهم آهي، هن ايوان آفريقي ملڪن جي آزادي جي تحريڪن جي حمايت پڻ ڪئي، آفريقا ۾ پاڪستان جي امن فوج جي جوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان جي هن ايوان کي گولڊن جوبلي تي مبارڪون ڏيون ٿا، موريشس جي هاءِ ڪمشنر آر ايس صوبيدار سينيٽ جي 50 سالا تق??يبن تي مبارڪون ڏيندي ??يو ته ادارا قوم لاءِ واچ ڊاگ جو ڪردار ادا ڪندا آهن، قانون جي حڪمراني احتساب انهن ادارن جي ذميواري آهي، موريشس هڪ ننڍڙو ملڪ آهي پر هتي حقيقي جمهوريت آهي، بيلاروسجي سفير آندري ميٽلٽسا ??يو ته سينيٽ جي 50هين سالگرهه تي پاڪستاني قوم کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ بين الپارلياماني لاڳاپا ٻه طرفي تعاون ۾ اهميت رکندڙ آهن، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان ۾ يمن جي سفير ??يو ته يمن شوري ڪائونسل جي چيئرمين طرفان گولڊن جوبلي تق??يبن تي مبارڪون پيش ڪريون ٿا، هي منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته آئون هن تق??يب ۾ شريڪ آهيان، اسان جي عوام ۽ حڪومت يمن جي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جا معترف آهيون. مراڪش جي سفير محمد ڪرمو خطاب ڪندي ??يو ته مراڪش 1912ع کان وٺي 1956ع تائين فرانس جي قبضي هيٺ رهيو، اتر اولهه آفريقي ملڪن وانگر مراڪش کي به فرانس کان آزادي وٺڻ لاءِ هٿياربند جدوجهد مان گذرڻو پيو، مراڪش جي آزادي جي جدوجهد جي اڳواڻ احمد عبدالسلام بال?? فريگ کي پاڪستان پنهنجو ڊپلوميٽڪ پاس??ور?? جاري ڪيو هو، هن کي اهو پاس??ور?? ان وقت ڏنو ويو هو جڏهن فرانس کيس گڏيل قومن ۾ ڳالهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو احمد بال?? فريد اهو پاس??ور?? استعمال ڪري ئي گڏيل قومن ۾ خطاب ڪري سگهندو هو، ان خطاب ۾ هو مراڪش جي آزادي جي مسئلي کي دنيا جي سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، ان جي ڪجهه سالن کانپوءِ ئي 1956ع ۾ مراڪش آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، احمد بال?? فريگ 1956ع ۾ پرڏيهي وزير بڻجندي ئي پاڪستان جو دورو ڪيو هو، پاڪستان مراڪش کي زرعي شعبي ۾ تحقيق ۾ مدد جي آڇ ڪئي جنهن ۾ ڪپهه جو ٻج، ڌاڳو ۽ ڪپڙي جي ٽيٽنگ جي سهولت مفت فراهم ڪرڻ جي آڇ شامل هئي.