اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گهڙي چور پوليس کي ڏسندي ئي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هو ٻاهر اچي ڀڀڪيون هڻي ٿو، هن شخص قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، عمران خان ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي ۽ مهم جوئي ??ري ٿو، ڪير پڇڻ وارو نه آهي، هن کي خبر آهي ته جنهن ڏينهن ??دا??ت آڏو پيش ٿيو ته پڪڙيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ فارن فنڊيڊ ايجنٽ، گهڙيءَ چور پوليس کي ڏسندي ئي لڪي وڃي ٿو ۽ پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هي پنهنجي ٻرِ کان ٻاهر ن??ري ڀڀڪيون هڻي ٿو، هن شخص پاڪستان جي قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، ان جي باوجود هي شخص عدل جي نظام جي اکين تي سوار آهي. هن چيو ته هن شخص کي خبر آهي ته جيترو وڌيڪ رڙيون ڪندو ايترو جلدي ان کي ريليف ملي و??ندو. ان کي خبر آهي ته هي عدليه تي حملي آور ٿيندو، غنڊه گردي ڪندو، عدليه کي ڌمڪائيندو ته کيس ضمانت ملي و??ندي، هي شخص ??دا??ت آڏو ان لاءِ پيش نه ٿو ٿئي ڇو ته ان کي خبر آهي ته هي گهڙيءَ چور ۽ فارن ايجنٽ آهي، هن پاڪستان جي عوام کي ڦريو ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو آهي ۽ هي ڄاڻي ٿو ته جنهن ڏينهن هي ??دا??ت آڏو پيش ٿي و??و ته پڪڙيو ويندو. هن چيو ته ان کي جڏهن پوليس پڪڙڻ اچي ٿي ته هي رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، هي پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي و??ي ٿو. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته هن شخص بابت اهو ئي مثال آهي ته مون چوري ڪئي آهي ته منهنجو ڇا ڪري و??ندا، پوري جو پورو نظام ان جي هٿان مجبور آهي. هن چيو ته عمران خان ادارن جي خلاف غلاضت اوڳاڇي ٿو ۽ مهم جوئي ??ري ٿو، عمران خان کي خبر آهي ته هو عدليه تي حملو ڪندو، ڌمڪيون ڏيندو ته ان کي بيل ملي و??ندي. هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن ڏوهه ناهي ڪيو ته ??دا??ت ۾ پيش ٿئي پر اهو رڳو ٻرِ ۾ ويهي سگهي ٿو. هن چيو ته زمان پارڪ ۾ سمجهوتا ايڪسپريس روانگي جي لاءِ تيار آهي پر اهي سمجهوتي نه اين آر او جي لاءِ منٿون آهن، فارن ايجنٽ توشه خانه چور کي اين آر او گهرجي، ان کي ان وقت سوچڻ گهرجي ها جنهن وقت گهڙيءَ چوري ۽ توشه خانه ۾ ڌاڙو هڻي رهيو هو، پنهنجي ملازمن جي ذريعي ايجنٽ بڻجي فارن فنڊنگ ۽ مني لانڊرنگ ??ري رهيو هو.