اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سبي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ??ئي ۽ شهيد اهلڪارن جي گهرڀاتين س??ن تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فر??هم?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ملڪ ۾ عدم اس??حڪام پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي. پاڪ زمين کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪنداسين. شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم دعا ??ئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا ??رجا ??لند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي.