اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظه??ر ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي ويو آهي، فن جي لاءِ سندس خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه س??هبو. صدر مرحوم جي پونئيرن سان همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظه??ر ڪيو آهي.