اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان م??لم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي گوجرانوالا رواني ٿيندي، جتي هوءَ تنظيمي ڪنوي??شن کي خطاب ڪندي. تنظيمي ڪنوي??شن غلام ح??ين پارڪ جي ٽي روڊ گوجرانوالا ۾ ٿيندو. جاري بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز شريف جي صدارت ۾ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن گوجرانوالا ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظي??ي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم نواز شريف سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز شريف پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا ۽ بهاولپور ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.