اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته 6 ف??بروري تي ايندڙ شديد ??لزلي جي ڏس ?? ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف 16 ۽ 17 فيبروري ي ترڪيه جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ?? ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ 6 ف??بروري تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. بيان موجب ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.