اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اهڙا پبلڪ سي??ٽر انٽرپرائ??زز جنهن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ ڪئي آه?? ا??هن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي، نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سي??ٽر انٽر پرائ??زز جي نجڪاري جي حوالي سا?? اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پبلڪ سي??ٽر انٽر پرائ??زز جي نجڪاري جي عمل جي رفتار جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سا?? ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سي??ٽر انٽرپرائ??زز جي نجڪاري جي عمل جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا پبلڪ سي??ٽر انٽرپرائ??زز جن جي نجڪاري جي سفارش نجڪاري بورڊ آه?? ا??هن جي نجڪاري جي عمل کي تيز بڻايو وڃي. جڏهن ته ان عمل کي شفاف انداز ۽ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز جي روشني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.