اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻ?? ورتو، صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? کانئس حلف ورتو. حلف بردا??ي جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيئر ججز، اعليٰ سرڪاري آفيسرن، قانوني براد??ي جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي ناليوارين شخصيتن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 175 اي (13) تحت سينيئر جج جسٽس عامر فاروق جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طور مقر??ي جي منظوري ڏني. جسٽس عامر فاروق لنڊن يونيورسٽي برطانيا مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هن 1993ع ۾ لنڪنزن لنڊن مان بيريسٽر ايٽ لاء جي ڊگري حاصل ڪئي، هو 1994ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ ۽ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ايڊووڪيٽ طور انرول ٿيو. صدر جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جسٽس عامر فاروق جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان مقر??ي جو نوٽيفڪيشن خميس ڏينهن جاري ڪيو هو.