اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌندڙ آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صوبن ۾ جدا وزارتون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ سال دنيا جي آبادي 8 ارب ۽ پاڪستا?? جي 23 ڪروڙ ٿي وئي آهي، گذريل 75 سالن ۾ پاڪستا?? جي آبادي 3 ڪروڙ مان 23 ڪروڙ ٿي وئي، 2030ع ۾ پاڪستا?? جي آبادي 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع ۾ 33 ڪروڙ 80 لک ٿيڻ جو امڪان آهي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي، وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد نيشنل ايمرجنسي پلان ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي نيشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪيو آهي. نيشنل ٽاسڪ فورس ۾ صوب?? کي نمائندگي ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاپوليشن ڪائونسل جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي?? جي تباهي وانگر وڌندڙ آبادي به خطري جي گهنٽي آهي، آبادي وڌي ٿي ته تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا صوب?? جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي آبادي 2 سيڪڙو ساليانو جي رفتار سان وڌي رهي آهي. اهڙن مسئل?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير قومي اهميت جي انهن مسئلن تي قومي بيانيو جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بيانيو جوڙڻ ۾ سمورين ڌري?? کي شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومتي سطح تي اهڙن مسئلن تي کلي بحث ٿيڻ گهرجي، ا?? جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ قوم تازو ئي وڏي تباهي کي منهن ڏنو. تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٻار ۽ عورتون شديد متاثر ٿيون، ماضي ۾ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قومي ڪانفرنس جي منظور ڪيل پڌرنامي ۾ ??دف?? جو واضح تعين ٿيو هو. ڪانفرنس جي پڌرنامي تي صوبن جون صحيحون به آهن، انهن ??دف?? ۽ تجويز ڪيل قدم?? جي بحالي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهڙي طرح پاليسي سازي، قانونسازي ۽ بيانيو جوڙن سان گڏوگڏ گهربل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ منصوبابندي کاتو عوام کي انهن مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌندڙ آبادي جي حوالي سان ڊيجيٽل ميڊيا تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ بيانيو جوڙڻ ۾ پاپوليشن ڪائونسل ??ي هر ممڪن تعاو?? جي خاطري ڪرائي.