اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ڪلاڪ ۾ گڏيل قومن جي ميمبر م??ڪن کان اٽڪل هڪ کرب 30 ڪروڙ روپيا جمع ڪري ورتا. آمريڪا پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اپيل کانپوءِ پاڪستان کي ساڍا 6 ارب رپين جي امداد ڏني آهي. پرڏيهي وزير جي اپ??ل تي ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ، صحت جي عالمي اداري، يونيسيف، هلال احمر، ريڊ ڪراس سميت گڏيل قومن جي ميمبر م??ڪن مثبت ردعمل ڏنو آهي. ان کانسواءِ فور?? طور تي چين، ترڪيه، آمريڪا، برطانيا، آذربائيجان، سعودي عرب، قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارات ۽ ٻين ملڪن فوري امدا?? جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي وزير جي اپ??ل تي گڏيل قومن جي ميمبر م??ڪن پاران روڪ امداد کانسواءِ تنبُو، دوائن، کاڌي پيتي جي شين سميت ٻئي اهم امدادي سامان جي پڻ امداد فراهم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اپ??ل تي گڏيل قومن جي ميمبر م??ڪن سميت مختلف عالمي ادارن پاران پاڪستان جي امدا?? جو سلسلو جاري آهي.