ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد ??لي شاهه پاڪستان جي 75 هين آزادي ??ي ڏهاڙي تي اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا ??هيون، اسان کي گڏجي هن ملڪ کي مضبوط ڪر??و آهي، اڄ جي ڏينهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي. آزادي ??ي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي سنڌ جي وقتي گورنر ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باني پاڪستان قائداعظم محمد ??لي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد ??لي شاهه چيو ته ڪالهه لاهور جي پي ٽي آءِ جلسي جي لاءِ پاڪستان جو جهنڊو لاٿو ويو، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، عمران نيازي اقتدار جي لاءِ ملڪ جي محبت ۽ هر روايت وساري ڇڏي آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان کي محبت ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌ??و آهي. وڏي وزير چيو ته جولاءِ دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿي??ن، شهر جي سمورن قدرتي پاڻي جي نيڪال جي رستن تي قبضن جي ڪري نيڪالي جا مسئلا ٿي?? ٿا، سنڌ حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪافي بهتر آهي. سيد مراد ??لي شاهه چيو ته اسان شهر جي رستن جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپيا ??کيا ??هن ۽ وڌيڪ فنڊز جو انتظام ڪري رهيا ??هيون.