اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسند عنصر ??من امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي ??زدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ ??من امان جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٻارن جي شهادت تي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.