اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس پهچي ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، وزيراعظم شهباز شريف مقرر آفيس وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳي آفيس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪ??ري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳي کلنديون آه??، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي هدايت ڪئي آه??، جڏهن ته سرڪ??ري آفيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آفيسون 10 وڳي بدران 8 وڳي کولڻ جي هدايت ڪئي آه??. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي آفيس سنڀاليندي ئي عوام کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلانن ??ي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آه??، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پ??هن??ي اعلانن ??ي عملدرآمد جا حڪم ج??ري ڪيا، هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معي??ري ۽ سستي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته عوام کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پينشن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلانن تي فوري طور عملدرآمد جو حڪم به ج??ري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آه??ون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام جي خدمت ڪنداسين، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، اڻٿڪ محنت اسان جا رهنما اصول آه??.