اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ڪابينا جي لاءِ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، راڻا تنوير حسين، خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، ميان جاويد لطيف، رياض حسين پيرزاده، مرتض??ٰ جاويد عباس??، اعظم نذير تارڙ، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، شيري رحمان، عب??ال??ادر پٽيل، شازيه مري، سيد مرتضيٰ محمود، ساجد حسين طور??، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين، اسد محمود، عب??ال??اسع، مفتي عبدالشڪور، محمد طلحيٰ محمود، سيد امين الحق، سيد فيصل علي سبزواري، محمد اسرار ترين، نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ طارق بشير چيما جي نالن جي بطور وفاقي وزير منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر پاران جار?? بيان موجب صدر ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان خان ڪانجو جي بطور مملڪتي وزير مقرري جي منظوري ڏني. ان سان گڏ??گڏ صدر قمر زمان ڪائره ۽ انجنيئر امير مقام ۽ عون چوڌري جي بطور ايڊوائيزر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر حلف برداري جي تقريب کان اڳ انهن نالن جي منظوري ڏني.