لاهور – 10 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مخالف ڌر بي اعتماد?? جي رٿ پيش ڪري ڏسي وٺي پهرين وانگر مايوسي ٿيندي، حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون ??يدا ڪرڻ جي لاءِ ماحول سازگار بڻائي رهي آهي، اهي نوڪريون ??رائيويٽ ۽ سرڪاري ادارن ۾ فراهم ڪيون ??ينديون، تحريڪ انصاف عوام سان نوڪريون ڏيڻ جو جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو ويندو، نوجوان نسل مستقبل بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدف مقرر ڪري وٺي ته قائداعظم، ڊاڪٽر عبدالقدير ۽ عمران خان جهڙي ڪامياب شخصيت بڻجي سگهي ٿو، پنهنجي هدفن کي مشن بڻائي ڄمي وڃڻ سان به ڪاميابي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي ٿي، تو??ان ماڻهو خوش قسمت آهيو جنهن کي اهڙن بهترين تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف لاهور ۾ ورلڊ آف اپرچيونٽيز جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، يونيورسٽي آف لاهور پهچڻ تي ريڪٽر دي يونيورسٽي آف لاهور پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سندس استقبال ڪيو ۽ يونيورسٽ?? جي شعبن بابت بريفنگ ڏني. سيمينار کي خطاب ڪندي قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ هو ته يونيورسٽي آف لاهور جو تعليمي ماحول ڏسي خوشي ٿي آهي، تو??ان ماڻهو مستقبل جا معمار آهيو جنهن کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. وڏو ماڻهو بڻجڻ جي لاءِ وڏن هدفن جو تعين ڪرڻ ضروري هوندو آهي، ڪو به شعبو ننڍو يا وڏو ناهي هوندو ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجي محنت سان پنهنجو مقصد پيدا ڪندا آهن، هن جو چوڻ هو ته هن پنهنجي تعليمي سرڪاري اسڪولن، ڪاليجز مان حاصل ڪئي ۽ اڄ الله جي فضل سان قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر جي عهدي تي فائز آهيان، تو??ان ماڻهن کي ملڪ جو مستقبل وڌيڪ سنوارڻو آهي ان لاءِ پنهنجي هدفن ۾ اهو شامل ڪريو ته تو??ان کي ملڪ کان وٺڻو نه آهي پر پاڪستان کي صرف ڏيڻو آهي، جڏهن هر نوجوان اهو پنهنجو منشور ٺاهي وٺندو ته ان کي پاڪستان کان وٺڻ?? ڪجهه ناهي پر ڏيڻو آهي ته ملڪ ترق?? جي راهه تي گامزن ٿيندو.