اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي خواهش جو ??رجاءُ ڪيو آهي، ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڏنو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ??در ڊاڪٽر عاف علوي سان سعودي عرب شوريٰ ڪائونسل جي وفد جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، ٻطرفي زبردست تعاون کي ڌرين جي گڏيل فائدي لاءِ وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ??در مشڪل وقت ۾ سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ پاڪستان جي مالي مدد کي ساراهيو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي سعودي قيادت کي افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي جي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي وقت سر قدمن تي مبارڪباد ڏني، هن او آءِ سي اجلاس ۾ عالمي برادري متحرڪ ڪرڻ ۽ مالي امداد تي سعودي عرب جي ڪردار جي و??کاڻ ڪندي چيو ته او آءِ سي ملڪن مشڪل وقت ۾ افغانستان جي عوام کي اميد، يڪجهتي ۽ اتحاد جو ??ضبوط پيغام ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلام فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ??در والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڪيل ڀارتي ظلمن کي به اجاگر ڪيو. هن برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزيون بند ڪرڻ، سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن موجب خودمختياري و??رو حق ڏيارڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالله محمد بن شيخ چيو ته پاڪستان کي پنهنجو ??يو گهر سمجهون ٿا، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن ??در کي شا??ه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جو ??بارڪباد وارو پيغام به پهچايو. هن افغانستان بابت پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ??در ڊاڪٽر عارف علوي کي مبارڪباد ڏني.