اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن ا??غا??ستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ا??غا??ستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري جڏهن ته وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ا??غا??ستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جو 34 هون اجلاس وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ا??غا??ستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. وز??راعظم کي علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي ا??غا??ستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پاڪستان تي امڪاني اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم ا??غا??ستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن ا??غا??ستان ۾ خراب انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري، اجلاس جي دوران ا??غا??ستان جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان عالمي رابطن جي اهميت تي روشني وڌي وئي. وز??راعظم عمران خان ا??غا??ستان مان عالمي انخلا جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته ا??غا??ستان ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام جا پاڪستان تي به شديد اثر پئجي سگهن ٿا. ان نقطه نظر سان اتفاق ڪندي وز??راعظم ان ڏس ۾ جامع پاليسي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته انساني امدا?? جي فراهمي ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص سيل بڻايو وڃي ته جيئن ا??غا??ستان ۾ مختلف ڪوششن کي هم آهگ ڪري سگهجي.