اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغ??نس??ان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغ??نس??ان جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سمورن افغانين جو تحفظ، سلامتي ۽ حقن جو احترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم افغ??نس??ان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان افغ??نس??ان مان سفارتي، عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغ??نس??ان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻطرفي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪستان پاران ڪوويڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل وسيع قدمن تي روشني وڌي ۽ چيو ته لاڳاپيل ??يٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وزيراعظم بورس جانسن کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.