اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خاتمي ۾ مدد ملندي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن جا نتيجا وقت سر ملندا، اليڪٽرانگ ووٽنگ مشين سان ووٽر جي رازداري متاثر نه ٿيندي. اهڙن خيالن جو ا ظهار هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو عملي مظاهرو پڻ ڏيکاريو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊ عمل ۾ شفافيت ايندي، ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خاتمي ۾ مدد ملندي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن جا نتيجا وقت سر ملندا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مڪمل طور تي مقامي سطح ت?? تيار ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين موثر، قابل اعتماد ۽ ٻيهر استعمال ڪري سگهجي ٿي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تمام گهٽ مدي ۾ تيار ڪئي. صدر عارف ع??وي سينيٽر شبلي فراز ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي ووٽنگ مشين ج?? تيار?? تي مبارڪباد ڏني. سينيٽر شبلي فراز ووٽنگ مشين ج?? تياري ۾ ذاتي دلچسپي ۽ حوصلي افزائ?? تي صدر جا ٿورا مڃيا.