اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 131 فوتگيون ٿيون جنهن مان 59 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??ار?? ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4 هزار 207 ??اڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 68 سيڪڙو، لاهور ۾ 56 سيڪڙو، پشاور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، صوابي ۾ 47 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 65 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 130 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 20 هزار 421، پنجاب ۾ 15 هزار 949، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 43، اسلام آباد ۾ 3 هزار 949، بلوچستان ۾ هڪ هزار 481، گلگت بلتستان ۾ 333، آزاد ڪشمير ۾ 954 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 4 هزار 122 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 540 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 282 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 90 هزار 391 آهي.